ابل واهه

ابل واهه: ” ابل واهه “ خيرپور ميرس جي حدن ۾ واقع آهي . عام طرح سرڪاري نالي ” خيرپور ويسٽ فيڊر “ ( Khairpur West Feeder ) سان ياد ڪيو وڃي ٿو ، جنهن جي 1352هه ( 1934ع ) ۾ کوٽائي شروع ٿي ۽ 1936ع ۾ ٻه هزار ڪيوسڪ ( Cusecs ) مطابق مڪمل آباديءَ جي لائق بڻيو . هي واهه سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان سنڌو نديءَ مان نڪري ٿو . شاخن سميت ان جي ڊيگهه 366 ميل ( 589 ڪلوميٽر ) آهي . ان واهه مان ساڄي ۽ کاٻي طرف کان جملي 34 شاخون نڪرن ٿيون . آمد رفت لاءِ مٿس ڏهه وڏيون پليون آهن ، جڏهن ته ننڍين ( ڳوٺاڻين ) پلين جو تعداد ٻاويهه آهي . پاڻيءَ جي روڪ ٿام لاءِ پنج وڏا ريگيوليٽر ( Regulators ) به تعمير ٿيل آهن .
ابل واهه ، خيرپور رياست جو وڏو واهه ليکيو وڃي ٿو ، هڪ اندازي مطابق چار لک ڏهه هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي سيراب ڪري ٿو . سندس سنڀال لاءِ 1936ع کان هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ( Executive Engineer ) ، 2 سب ڊويزنل آفيسر ، 14 سب انجنيئر ( Over sears ) ، 20 آبدار ۽ 29 داروغا پڻ مقرر ڪيل آهن .
ابل واهه خيرپور ۽ گمبٽ تعلقن جي ايراضي آباد ڪندو ، ڳاڙهي موري ، پريالوءِ ، پير ڳوٺ ، احمدپور ، ڪوٽ پل ، ماڇيون ، راڻيپور ۽ گمبٽ شهرن مان لنگهي ٿو . هن واهه تي آباديءَ جي اعتبار کان ڪڻڪ ، ڪپهه ، چانور ، جوئر ، سرنهه ، ڄانڀو ۽ داليون وغيره ٿين ٿيون . ان کانسواءِ کجين ، ليمن ۽ انبن جا باغ به وڏي تعداد ۾ سيراب ڪري ٿو . هي ٻارهن ئي مهينا وهندڙ واهه آهي ، جنهن کي انجنيئري اصطلاح ۾ ” Perennial “ سڏبو آهي .


لفظ ابل واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو